درسگاهه صديقي

درسگاهه صديقي: هيءَ درسگاهه سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ انگريزن جي دور ۾ قائم ٿي. هن درسگاهه جو باني مولانا محمد صديق سيوستاني هو، جيڪو معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر عالم، مناظر، متڪلم ۽ فقيھ هو. هن درسگاهه مان سوين ماڻهن درس ورتو، جيڪي پنهنجي وقت جا جيَد عالم ليکيا وڃن ٿا، تن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت الله سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي عبدالرحيم بختيارپوري وغيره شامل آهن. هيءَ درسگاهه پنهنجي دور جي مشهور درسگاهن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو